تذڪره تڪملئه مقالات الشعراءِ

تذڪره تڪملئه مقالات الشعراءِ

تذڪره تڪملئه مقالات الشعراءِ

تذڪره تڪملئه مقالات الشعراءِ (ڪتاب): فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هن تذڪري جو مصنف مخدوم محمد ابراهيم صديقي، نقشبندي ٺٽوي، تخلص ”خليل“ ۽ ”سوائي“ آهي، جنهن سال 1316هه/ 1898ع ۾ وفات ڪئي. هيءُ تذڪرو تذڪره مقالات الشعرا“ جو ”تڪملو“ (يعني ضميمو يا پورائو) آهي ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ جي چوٿين ڪڙي آهي. هن تذڪري ۾ 82 شاعرن جو ذڪر آهي. آخري ٽالپري دؤر ۽ شروعاتي برطانوي دؤر جا سڀئي ممتاز فارسي گو شاعر هن تذڪري ۾ اچي وڃن ٿا. شاعرن جي سلسلي ۾، تاريخي واقعا به اچي ويا آهن. هن تذڪري جو هڪ مخطوطو پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ آهي ۽ ٻي ڪاپي جناب خالدي ٺٽويءَ وٽ هوندي هئي. هي تڪملو اصل ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ مسودو هو، جنهن کي پيرحسام الدين راشديءَ جي تصحيح ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل حاشين سان، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ شايع ڪيو. هن تذڪري جي تقريظ علامه سعيد نفيسي ۽ مقدمو پاڻ خود پير حسام الدين راشدي لکيو. هن ناياب تذڪري ۾ جعفري و علي، مير صابر علي صابر، سردار غلام محمد خان طرزي، نواب علي محمد خان ۽ ٽالپورن جي شجرن سان گڏوگڏ ٽيتاليهه تصويرون پڻ موجود آهن. هڪ هزار صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچيءَ مان ڇپايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو